امر خان پاڪستاني عوام کي جاهل قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا امر خان ملڪي انڊسٽريءَ ۾ هڪ اداڪارا طرفان ٻي اداڪارا تي تبصرو ڪرڻ واري عمل کي جهالپ قرار ڏئي ڇڏيو.
امر خان جي هڪ انٽرويوءَ جي ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ميزبان ڪئمرا جي پٺيان کائنس سوال ڪيو ته انڊسٽريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اوورريٽڊ اداڪار ڪير آهي؟ يعني اُھو اداڪار يا اداڪارا جيڪي ايتري شهرت يا ڪاميابي جا حقدار نه هئا.
جواب ۾ اداڪارا سوچ ويچار کانپوءِ چيو ته اوهان اِهو سوال ڇو پڇي رهيا آهيو؟ اِهو نه پڇيو ڇو ته اڄ ڪل هونئن به تمام گهڻا پروگرامز هلي رهيا آهن جنهن ۾ اوور ريٽڊ، انڊر ريٽڊ اداڪار بابت ٻيا اداڪار تبصرا ڪندا آهن.
امر خان چيو ته سموري دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ هڪ اداڪار ٻئي اداڪار تي تبصرو ناهي ڪندو، ائين رڳو اسان جي انڊسٽري ۾ ٿيندو آهي.
ميزبان چيو ته اوهان ائين ڇو ٿو لڳي ته اسان ماڻهو اِهو سڀ پسند ڪندا آهن؟ جنهن جي جواب اداڪارا چيو ته ڇو ته اسان هڪ جاهل قوم آهيون انڪري، ان کان مختصر ۽ سڌو جواب مان نٿي ڏئي سگهان.
ميزبان به امر خان جي جواب ٻڌي لاجواب ٿي وئي ۽ هن اداڪارا چيو ته اِهو سوال جو بهترين جواب هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.