پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي ڪنيڪشن ڪئمپ ۾ قومي ڪرڪيٽرنپرڏيهي ليگز لاءِ اين او سي پاليسي تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، پي سي بي ڪينڪشن ڪئمپ ۾ قومي ڪرڪيٽرن پي سي بي اختيارن کان سوال ڪيا، رانديگرن مڪالمي ۾ چيو ته مڃيون ٿا ڪارڪردگي سٺي ناهي، پر پرفارمنس لاءِ ذهني سڪون جي ضرورت هوندي آهي.
ذريعن موجب، رانديگرن چيو ته پرڏيهي ليگز لاءِ اين او سي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي، اين او سي وارو قانون هر رانديگر لاءِ مختلف آهي، پي سي بي اين او سي تي التوا ڪندو آهي، جواب ناهي ملندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين طرفان سي اي او سلمان نصير کي اين او سي واري معاملي تي نظرثاني جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي آفيشلز طرفان مالي ۽ اين او سي معاملن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عهديدارن چيو ته رانديگرن کي اين او سي معاملن جو ذڪر ڪنيڪشن ڪئمپ نه ڪرڻ گهرجي ها.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن جي سرجري وارو بيان ڏنو ويو، پي سي بي کي اندروني سرجري جي به ضرورت آهي، پي سي بي کي اندروني معاملا به ڏسڻ گهرجن، اندروني معاملن سبب رانديگرن تي ذهني طور اثر پوندو آهي، رانديگرن سٺو ورتاءُ ناهي ڪيو ويندو.
You might also like