اسان کي لنڊن ناهي وڃڻو ۽ هتي ئي سياست ڪرڻي آهي: زرتاج گل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ زرتاج گل چيو آهي ته اسان کي ڪهڙو لنڊن وڃڻو آهي، پاڪستان اسان جو ملڪ آهي ۽ اسان کي هتي ئي سياست ڪرڻي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي زرتاج گل چيو ته هڪ ڏينهن منهنجو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو ۽ ٻئي ڏينهن ئي بليڪ لسٽ ۾ وڌو ويو.
هن چيو ته مان اڳوڻي وفاقي وزير آهيان ۽ پارلياماني ليڊر آهيان، ملڪ ڇڏي ڪاڏي وينديس؟ مون وٽ پاسپورٽ ئي ناهي ته ايئرپورٽ ڇا ڪرڻ وينديس؟
سندس چوڻ هو ته رڳو پي ٽي آءِ اڳواڻن جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ وڌو پيو وڃي، اسان کي ڪهڙو لنڊن وڃڻو آهي، پاڪستان اسان جو ملڪ آهي ۽ اسان کي هتي ئي سياست ڪرڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.