جسٽس منصور جو چيف جسٽس طور سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن جعلي قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وزارت جسٽس منصور علي شاهه جي چيف جسٽس طور سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو.
قانون ۽ انصاف واري وزارت جي پڌرائيءَ موجب سوشل ميڊيا تي جسٽس منصور علي شاهه بابت هلندڙ نوٽيفڪيشن جعلي آهي، جسٽس منصور جو چيف جسٽس طور ڪو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو.
واضح رهي ته جسٽس منصور علي شاهه سپريم ڪورٽ جو سينيئر جج آهي ۽ قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ کانپوءِ چيف جسٽس بڻجندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.