لاهور ۾ عورت پوليس اهلڪار قتل

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري ليڊي پوليس ڪانسٽيبل کي قتل ڪري ڇڏيو.
لاهور جي علائقي هربنس پورا ۾ تعمير هيٺ پوليس اسٽيشن ڀرسان اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ليڊي پوليس ڪانسٽيبل مارجي وئي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته سمن بي بي جي عمر 26 سال هئي، هوءَ اي آر ايف ۾ مقرر هئي، واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، شاهديون گڏ ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.