پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي وڏي پابندي لڳي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ مضمون لکڻ، سوشل ميڊيا تي راءِ ڏيڻ کان به روڪيو ويو آهي.
وفاقي پوليس جي سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سرڪاري حيثيت ۾ عوامي فورمز تي ڳالهائڻ کان روڪيو ويو آهي، پرنٽ ميديا ۾ مضمون لکڻ، سوشل ميڊيا تي راءِ ڏيڻ کان به روڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري احاطي، عمارتن ۽ پوليس جي وردي ۾ وڊيوز ۽ تصويرون ڪڍڻ تي پابندي هوندي، آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ذاتي مشهوري منع آهي، جڏهن ته ڪنهن به قسم جا ڳجها يا سرڪاري دستاويز، تصويرون يا مواد اپ لوڊ نه ڪيو ويندو.
نوٽيفڪيشن موجب آفيسر ۽ اهلڪار سوشل ميڊيا تي دستاويز، ذاتي ڄاڻ، سياسي يا مذهبي خيال شيئر نه ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.