اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان 200 يونٽن تائين جو 3 مهينن جو رليف 30 سيپٽمبر کان ختم ٿي ويندو.
ذريعن موجب پهرين آڪٽوبر کان ماهوار 200 يونٽن تائين واهپيدارن جو بنيادي ٽيرف في يونٽ 7.12 تائين وڌي ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 100 يونٽن تائين نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جو ٽيرف 7.11 رپيا وڌي 23.59 رپيا ٿي ويندو ۽ 101 کان 200 يونٽن تائين نان پروٽيڪٽڊ جو ٽيرف 7.12 رپيا وڌي 30.07 رپيا ٿي ويندو.
ذريعن موجب هڪ کان 100 يونٽن تائين پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جو ٽيرف 3.95 رپيا وڌي 11.69 رپيا ٿي ويندو ۽ 101 کان 200 يونٽن تائين پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جو ٽيرف 4.10 رپيا وڌي 14.16 رپيا ٿي ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ماهوار 50 يونٽن تائين لائف لائن واهپيدارن لاءِ في يونٽ ٽيرف 3.95 رپيا برقرار رهندو، ماهوار 51 کان 100 يونٽن تائين لائف لائن واهپيدارن لاءِ في يونٽ ٽريف 7.74 رپيا برقرار رهندو.
وفاقي حڪومت جولاءِ 2024 ۾ بجلي جو بنيادي ٽيرف في يونٽ 7.12 رپيا تائين وڌايو هو پر حڪومت واڌ کان ماهوار 200 يونٽن تائين جي واهپيدارن کي 3 مهينن جي ڇوٽ ڏني هئي.
وفاقي حڪومت 50 ارب سبسڊي سان ماهوار 200 يونٽن تائين بجلي اگهه ۾ واڌ 3 مهينن لاءِ روڪي هئي.
Next Post
You might also like