پي ٽي آءِ باني جي ملٽري ٽرائل بابت درخواست، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي فوجي عدالت ۾ ٽرائل بابت ڪيس ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل جي بيان کانپوءِ درخواست اُڪلائي ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ باني عمران خان جي امڪاني ملٽري ٽرائل روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل ۽ بچاءَ واري وزارت جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان جي ملٽري ٽرائل بابت في الحال ڪو به فيصلو ناهي ٿيو، اهڙو ڪو فيصلو ٿيو ته قانوني طريقيڪار اپنايو ويندو.
ايڊيشنل اٽارني جنرل موجب، پي ٽي آءِ باني جي ملٽري ٽرائل جو فيصلو ٿيو ته پهريان سول مئجسٽريٽ وٽ درخواست ويندي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل جي جواب کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي درخواست اُڪلائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.