پي ٽي آءِ جو چيف جسٽس تي اعتراض،پنجاب اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.
چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ پنج رڪني بئنچ پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران وڪيل سلمان اڪرم، حامد خان ۽ اليڪشن ڪميشن جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي جي شروعات ۾ جواب ڏيند سلمان اڪرم جي وڪيل حامد خان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي اعتراض اُٿاريندي چيو ته اسان کي اوهان جي ڪيس ٻڌڻ تي اعتراض آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان پاڻ کي الڳ ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪريو، اسان کي ڪو مسئلو ناهي.
ٻڌڻي دوران جسٽس عقيل عباسي رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن جي لکت واري جواب موجب هاءِ ڪورٽ جي مشاورت سان مسئلو حل ٿي ويو، ان تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته جي بلڪل چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ چار ٽربيونلز قائم رکيا ۽ قانون جي تبديلي کانپوءِ هاڻ باقي چار اليڪشن ڪميشن مقرر ڪندو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جيڪي معاملا عدالت جا نه آهن اُهي پاڻ ۾ حل ڪريو، هڪ درخواست ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان ته آئين ڇا ٿو چوي، آئين جو ڪتاب آهي پر ڪو به آئين پڙهڻ لاءِ تيار ناهي.
جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ اختيار آهي پر ٽربيونل لاءِ ججن جي مقرري هاءِ ڪورٽس جي مشاورت سان ٿيندي آهي، ٽربيونل ۾ ججن جي مقرري تي پسند نا پسند جي ڳالهه هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو ته ٽربيونل جي انگ جو دارومدار ڪيسن تي آهي، ڪيسن کي نظر ۾ رکندي ججن جي انگ جو فيصلو ڪريو، مون کي خبر ناهي ته بلوچستان يا پنجاب ۾ ڪيترا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.
ان کانپوءِ عدالت پنجاب ۾ اليڪشن ڪميشن ٽربيونل جي جوڙجڪ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.