پائلٽس هوائي جهاز کي اڏائڻ ۽ لاهڻ جو چڱي ريت اندازو رکندا آهن ۽ مسافرن کي سڄي دنيا جي سفر تي کڻي ويندا آهن.
پائلٽس سڄي دنيا ۾ مختلف ايئرپورٽن تي جهاز جي اڏام ڀرڻ ۽ لينڊنگ ۾ مهارت رکندا آهن پر دنيا ۾ هڪ ايئرپورٽ اهڙو به آهي، جتي هوائي جهاز لاهڻ ڪنهن پائلٽ جي وس جي ڳالهه ناهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ڀوٽان جو پيرو انٽرنيشنل ايئرپورٽ هماليه جي وچ ۾ آهي، جتي مسافر جهاز جي لينڊنگ ٽيڪنيڪي اعتبار سان دنيا ۾ سڀ کان ڏکي سمجهي ويندي آهي.
چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ موجود ڀوٽان 97 سيڪڙو جبلن سان گهيريل آهي، ان جو تخت گاهه ٿمپو سمنڊ جي سطح کان 7 هزار 710 فوٽ (2350 ميٽر) اوچائي تي آهي پر پيرو ايئرپورٽ جو علائقو ڪجهه هيٺ آهي، جيڪو 7 هزار 382 فوٽ تي آهي.
پائلٽس کي رن تي تائين پهچڻ لاءِ انتهائي وڏن جبلن وٽان گذرڻو پوندو آهي، جنهن سان لينڊنگ ۾ ڏکيائيون پيش اينديون آهن، سڄي دنيا جا رڳو 50 خاص تربيت يافته پائلٽس ئي پيرو ايئرپورٽ تي اڏام لاهڻ ۽ اڏائڻ ۾ مهارت رکندا آهن.
ڊرڪ ايئر جي ڪيپٽن چيمي دورجي موجب پيرو ايئرپورٽ تي اڏام لاءِ پائلٽس کي مقامي ڄاڻ ۽ خاص تربيت جي ضرورت هوندي آهي.
ان کانسواءِ ڀوٽان جي غير امڪاني موسم به پيرو هوائي اڏي تي اڏام کي ڏکيو بڻائي ڇڏيندي آهي، پائلٽ عام طور تي منجهند جو اڏام کان پاسو ڪندا آهن، جڏهن تيز هوائون گهلنديون آهن ته لينڊنگ ۾ ڏکيائيون پيش اينديون آهن.
You might also like