ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي هڪ اسڪول جي بلڊنگ دنيا جي بهترين عمارت جو اعزاز ماڻي ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا جي شهر سڊني جي ڀر واري علائقي چيپينڊيل ۾ موجود ڊارلنگٽن پبلڪ اسڪول جي عمارت خوبصورتي ۾ سڀني عمارتن کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
ميڊيا رپورٽن موجب سنگاپور ۾ ”ورلڊ آرڪيٽيڪچر فيسٽيول“ منعقد ڪيو ويو، جتي 220 خوبصورت ۽ اونچي عمارتن ۾ چيپينڊيل جي اسڪول ”ورلڊ بلڊنگ آف 2024“ جو لقب ماڻيو.
ميڊيا رپورٽن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته اسڪول جي اها عمارت پنهنجي خوبصورتي سبب 2013 ۾ به ”آڪلينڊ آرٽ گيلري توئي اوتماڪي“ ۾ پهريون اعزاز پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.
عمارت جي خاصيت
ميڊيا رپورٽن موجب اها هڪ پراڻي عمارت آهي، جنهن کي سڊني جي آرڪيٽيڪ پنهنجي ڪلا ذريعي عاليشان ٺاهيو هو، ان بلڊنگ جي هڪ خاص ”سائوٽوٿ“ ڇت آهي، جڏهن ته ٻارن جي کيڏڻ لاءِ هڪ وڏو باسڪيٽ بال ڪورٽ ۽ هڪ ڪميونٽي گارڊن پڻ آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ”ورلڊ آرڪيٽيڪچر فيسٽيول“ 18 مختلف ڪيٽيگيرن تي ٻڌل هو، جنهن ۾ سنگاپور ۾ بزرگ شهرين لاءِ ٺاهيل هائوسنگ ڪامپليڪس ۽ ڊنمارڪ جي تخت گاهه ڪوپن هيگن ۾ هڪ ڇت تي ٺاهيل ويسٽ ٽو انرجي پاور پلانٽ جي عمارت کي پڻ ساراهيو ويو.
You might also like