شاهد آفريدي جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) جمعيت علماءَ اسلام ( جَي يو آءِ ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريديءَ سان ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات جي يو آءِ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو جي ڪراچي ۾ رهائشگاهه تي ٿي، ان موقعي تي علامه راشد محمود ۽ علامه ناصر محمود سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.
جي يو آءِ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، شاهد آفريدي ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.