ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل مالي سال دوران اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي منافعي ۾ 209 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ٿي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي رپورٽ موجب 30 جون 2024 تي ختم ٿيندڙ مالي سال لاءِ ايس بي پي جي آمدني 3.4 ٽريلين رپين تائين وڌي وئي، جڏهن ته مالي سال 2023 دوران اسٽيٽ بئنڪ جو منافعو 1.1 ٽريلين رپيا رهيو هو.
ائين مالي سال 2023 جي ڀيٽ ۾ مالي سال 2024 دوران اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي آمدني ۾ 2.3 ٽريلين رپيا مطلب 209.09 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
You might also like