آرڊيننس تحت قائم ڪميٽي ۾ شموليت کان انڪار ڪيو: جسٽس منصور جو ججز ڪميٽي کي خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه ججز ڪميٽي کي خط لکي ڪميٽي ۾ شموليت کان انڪار جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
جسٽس منصور علي شاهه ججز ڪميٽي کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته هن سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ترميمي آرڊيننس تحت قائم ڪميٽي ۾ شموليت کان انڪار ڪيو.
جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي جوڙجڪ جو فيصلو فل ڪورٽ جو هو، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ تبديلي يا ته فل ڪورٽ بئنچ يا فل ڪورٽ اجلاس ذريعي ممڪن آهي.
هن پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان اڳ واري ڪميٽي جي بحالي تائين اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيس.
جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته تڙ تڪڙ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس آندو ويو، منهنجي خط کي اجلاس جي منٽس جو حصو بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.