اسرائيلي اخبار جي مضمون تي عمران خان جو ردعمل سامهون اچي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته اسرائيل جي حوالي سان منهنجو موقف اڄ به اهو ئي آهي، فلسطين ۾ ماڻهن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، اسرائيلي آرٽيڪل ۾ منهنجي تعريف ڪئي وئي آهي، لڳي ٿو ته انهن کي انگريزي سمجهه ۾ نٿي اچي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڪالهه کان پروپئگنڊا جاري آهي ۽ اسرائيلي اخبار جو حوالو ڏنو پيو وڃي ته مان اسرائيل سان لاڳاپن جو وڏو حامي آهيان، آرٽيڪل ۾ منهنجي تعريف ڪئي وئي آهي، لڳي ٿو ته انهن کي انگريزي سمجهه ۾ نٿي اچي، اسرائيلي اخبار مسلم امت ۽ اولهه ملڪن ۾ منهنجي ساک جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي.
هن چيو اسرائيل جي حوالي سان منهنجو موقف اڄ به اهو ئي آهي ته فلسطين ۾ ماڻهن جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، اڳ ۾ جنگبندي ڪئي وڃي پوءِ ئي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، اڳ ۾ ٻه رياستي حل ڏانهن وڃو پوءِ ڳالهيون ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.