اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سياري ۾ گئس جي امڪاني کوٽ کان بچڻ لاءِ حڪومت ڊسمبر ۽ جنوري دوران وڌ کان وڌ ايل اين جي ڪارگوز بُڪ ڪرائي ورتا.
پيٽروليم وزارت طرفان پارليامينٽ کي فراهم ڪيل تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سياري ۾ قدرتي گئس جي کوٽ باوجود سوئي ڪمپنيون کاڌو پچائڻ جي وقت ۾ گئس فراهمي جو مناسب انتظام ڪنديون آهن.
پيٽروليم وزارت جي اختيارين موجب سياري ۾ گئس جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ ڊسمبر ۽ جنوري لاءِ وڌ کان وڌ ايل اين جي ڪارگوز بڪ ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته هن وقت 10 ايل اين جي ڪارگوز ماهوار درآمد ڪا ويندا آهن.
You might also like