مريم نواز سولر اسڪيم جي نالي تي شهرين کي دوکو ڏيڻ جو انڪشاف

شورڪوٽ (ويب ڊيسڪ) مريم نواز سولر اسڪيم جي نالي تي شهرين کي دوکو ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
مريم نواز سولر اسڪيم جي نالي تي شهرين کي لٽيندڙ گروهه خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وريام پوليس ٿاڻي شهري جي درخواست تي 3 جوابدارن خلاف ايف آءِ آر ڪاٽي.
ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار شهرين کان سولر سسٽم جي مد ۾ رقم وصول ڪندا هئا.
واضح رهي ته نومبر ۾ عوام کي وزيراعليٰ مريم نواز جي پروگرام تحت سولر پئنل ملڻ شروع ٿي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.