ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته يروشلم پوسٽ جو انڪشاف افسوسناڪ آهي.
پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته لنڊن جي ميئر جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ باني پاڪستان ڄائي شهري خلاف مهم هلائي، پي ٽي آءِ باني جا پيرا سامهون اچي رهيا آهن.
هن چيو ته اسرائيل پي ٽي آءِ باني لاءِ کليل نموني ڳالهه ڪري رهيو آهي، اسرائيل چئي رهيو آهي ته عمران خان پاور ۾ هجي ها ته اسان کي فائدو ٿئي ها.
سندس چوڻ هو خبر سامهون آئي هئي ته عمران خان جي ڪابينا جو وزير ڳجهي دوري تي اسرائيل ويو هو، جيڪڏهن اسرائيل سمجهي ٿو ته عمران خان ان لاءِ بهتر آهي ته قوم کي سوچڻو پوندو، اسرائيل مسلمانن جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي.
You might also like