گوادر (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي ڪمشنر مڪران ڪوسٽل هاءِ وي جي بندش ۽ سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي پاڪ ايران بارڊر تي هر قسم جي ٽريفڪ تي پابندي لڳائي ڇڏي.
پاڪ ايران بارڊر کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، اهو فيصلو مڪران ڪوسٽل هاءِ وي جي بندش ۽ سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي ڪيو ويو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر گوادر بارڊر جي بندش بابت پڌرائي جاري ڪري ڇڏي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ ايران بارڊر ٽو فائيو زيرو تي هر قسم جي واپار ۽ واپار سان سلهاڙيل گاڏين جي چرپر تي ايندڙ حڪم تائين پابندي لڳائي وئي آهي.
You might also like