اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عوام ڏڦيڙ جي سياست رد ڪري معاشي پاليسين ۾ بهتري کي ترجيح ڏني آهي.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جلسن لاءِ ميدان ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران عوام جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، جلسا 2028 ۾ ڪنداسين، هاڻ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻ جو وقت آهي.
هن چيو ته معاشي بحالي سياسي استحڪام سان جڙيل آهي، سياسي ڏڦيڙ جو مطلب عوام کي رليف ڏيڻ جي عمل کي متاثر ڪرڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته معاشي چئلينجن، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم، سياسي جماعتن، ادارن ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
You might also like