ٽڪ ٽاڪ هلائيندڙن لاءِ اهم خبر

ٽڪ ٽاڪ ۾ هڪ اهڙو نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن جي واهپيدار تمام گهڻي کوٽ محسوس ڪندا هئا.
ڊيليٽ اينڊ ري ايڊٽ نالي ان فيچر ذريعي واهپيدار ايپ ۾ ڪنهن وڊيو کي ڊليٽ ڪرڻ بنا ان کي ايڊٽ ڪري سگهندا.
رپورٽ موجب ڊيليٽ اينڊ ري ايڊٽ اهڙي واهپيدارن لاءِ ڪارآمد فيچر هوندو، جيڪي سڌي ريت ٽڪ ٽاڪ ۾ وڊيو ٺاهڻ ۽ ايڊٽ ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.
ان فيچر سان واهپيدارن کي اڳ کان اپ لوڊ وڊيوز کي ايڊٽ ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ کين وڊيوز کي ڊيليٽ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.
ان سان نه رڳو وقت جي بچت ٿيندي پر واهپيدار ڪميونٽي گائيڊ لائنز جي ڀڃڪڙي تي ٻڏل وڊيوز کي ايڊٽ ڪري سگهندا.
آسان لفظن ۾ ڪنهن اپ لوڊ وڊيو کي ڊيليٽ ڪرڻ بدران ان کي سليڪٽ ڪري ڊرافٽ ۾ منتقل ڪيو ۽ پوءِ ان کي ايڊٽ ڪري ٻيهر پوسٽ ڪري ڇڏيو.
واهپيدار پنهنجي انهن وڊيوز کي به بهتر بڻائي سگهندا، جيڪي پوسٽ ٿيڻ کانپوءِ گهربل ڪارڪردگي جو مظاهرو ناهن ڪري سگهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.