ٽرمپ جو ڪملا هيرس سان ٻيهر مباحثي کان ٺُپ جواب

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي نائب صدر ۽ ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار ڪملا هيرس جو هڪ ٻئي مباحثي جو چئلينج قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪملا هيرس ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين تي صدارتي مباحثي جو چئلينج ڏنو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته هوءَ ٽرمپ سان 23 آڪٽوبر تي مباحثي لاءِ تيار آهي.
پر ٽرمپ چئلينج قبولڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هاڻ گهڻي دير ٿي چڪي آهي، هاڻ 5 نومبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن کان اڳ مباحثو ممڪن ناهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ 10 سيپٽمبر تي ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪملا هيرس ۾ مباحثو ٿيو هو، جنهن ۾ تجزئي نگارن موجب ڪملا هيرس کي سرسي حاصل ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.