آمريڪا ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست الاباما جي شهر برمنگهم ۾ رات دير سان فائرنگ جي واقعي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
آمريڪي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو رات 11 وڳي الاباما جر شهر برمنگهم جي تفريحي علائقي ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ ٻه مرد ۽ ٻه عورتون شامل آهن.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته حملي آورن جو انگ هڪ کان وڌيڪ هو، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي پر اڃا تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.