اليڪشن ڪميشن جو مخصوص سيٽن جي معاملي تي ٻيهر سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽن جي الاٽمينٽ جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ نئين ڌار درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب اليڪشن سپريم ڪورٽ جي وضاحت جي تفصيلي جائزي کانپوءِ اهم فيصلا ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن طرفان سپريم ڪورٽ ۾ ڌار درخواست داخل ڪئي ويندي، جنهن ذريعي رهنمائي طلب ڪئي ويندي ته جڏهن قانون موجود آهي ته هاڻ مخصوص سيٽون الاٽ نه ٿيون ڪري سگهجن ته فيصلي تي عملدرآمد ڪيئن ٿئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ قانوني راءِ ۽ قومي ۽ پنجاب اسيمبلي اسپيڪر جي خط جو جائزو ورتو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته چونڊ ترميمي ايڪٽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد کان روڪي ٿو، سپريم ڪورٽ ٻڌائي ته فيصلي تي ٽيڪنيڪي طور ڪيئن عملدرآمد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.