ججن جو ڪم ڊيم ٺاهڻ نه پر انصاف فراهم ڪرڻ آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عدالتي سڌارا اسان جو پراڻو موقف ۽ مطالبو آهي، عدالتي نظام درست ڪرڻ لاءِ آئيني عدالت ضروري آهي.
وڪيلن جي نمائندن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وڪيلن سدائين آمرن جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ مشرف جي آمريت کي شڪست ڏني، محترمه شهيد چوندي هئي ته جيڪڏهن ججن کي جلوس ڪڍڻا آهن ته باقاعدي پارٽي ٺاهين، محترمه کي خبر هئي عدالت مان سياست ٿيندي ته عوام جو نقصان ٿيندو.
هن چيو ته پ پ چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ڪيون، آئيني عدالت جو مينڊيٽ آئيني معاملن جي تشريح هوندو، 18هين ترميم ذريعي ججن جي مقرري جو نظام واضح ڪيو ويو، مون کي شهيد ڀٽو جي ڪيس ۾ انصاف لاءِ 50 سال لڳا، افتخار چوڌري جيڪو بنياد وڌو، ان کي ڪڏهن ثاقب نثار ته ڪڏهن گلزار اڳتي وڌايو.
سندس چوڻ هو ته ججن جو ڪم ڊيم ٺاهڻ نه، ڪراچي کي پراڻو بڻائڻ يا نئون بڻائڻ نه انصاف فراهم ڪرڻ آهي، عدالتن ۾ وڏي انگ ۾ ڪيس پينڊنگ ۾ پيا آهن، ججن جي مقرري جي نظام کي درست ڪرڻو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف کي سمجهايو هو ته 58 ٽو بي جو غلط استعمال ٿيندو ۽ پوءِ هو پاڻ ان جو شڪار ٿيو، جڏهن ميثاق جمهوريت تي صحيحون ٿيون ته افتخار چوڌري مشرف جو چيف جسٽس هو، بينظير ڀٽو ان وقت چيو هو ته ملڪ ۾ آئيني عدالتون هجڻ گهرجن.
پ پ چيئرمين چيو ته چارٽر آف ڊيموڪريسي تحت واعدي موجب ترميم ڪرڻ تائين پوئتي نه هٽندس، عوام کي تڪڙي انصاف جي فراهمي ترجيحن ۾ شامل آهي، عوام کي جلد کان جلد انصاف جي فراهمي لاءِ قدم يقيني بڻائڻا آهن.
هن چيو وڪيل ڄاڻين ٿا ته انصاف جي فراهمي ۾ ڪيتريون رنڊڪون آهن، ڪنهن شخصيت بدران عوام جي حق ۾ نعرو لڳايو وڃي، ڄاڻان ٿو ته وڪيلن کي مختلف سياسي جماعتن طرفان استعمال ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته اسان فرنٽ تي وڙهنداسين، هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ بار، پارليامينٽ سميت روڊن تي وڙهڻو پيو ته وڙهنداسين، چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ ڪيل واعدا پورا ڪنداسين، وڪيل تياري ڪن، اسان جدوجهد ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.