پاڪستاني معيشت لاءِ سٺي خبر، وڏي ڊيل طئي ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان وڏي شپنگ لائن ڪمپني مرسڪ ۽ پاڪستاني ڪمپني ۾ پارٽنرشپ طئي ٿي وئي، مرسڪ پهريون ڀيرو ڪنهن پاڪستاني ڪمپني سان ڀائيواري جو معاهدو ڪيو آهي.
بحري شعبي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي، دنيا جي سڀ کان وڏي شپنگ لائن ڪمپني مرسڪ ۽ پاڪستاني ڪمپني ۾ پارٽنرشپ طئي ٿي وئي.
مرسڪ شپنگ لائن سيڪيور لاجسٽڪ کي پاڪستان ۾ پنهنجو پارٽنر مقرر ڪري ڇڏيو، شپنگ لائن پهريون ڀيرو ڪنهن پاڪستاني ڪمپني سان ڀائيواري جو معاهدو ڪيو آهي.
سيڪيور لاجسٽڪ ۽ شپنگ لائن ڪمپني وچ ۾ بحري واپار ۾ واڌ لاءِ به ڳالهه ٻولهه جاري آهي، سيڪيور لاجسٽڪ خطي جي ٻين ملڪن سميت وچ ايشيائي رياستن تائين مرسڪ کي خدمت فراهم ڪندي.
پاڪستاني ڪمپني ان اهم اڳڀرائي کان اسٽاڪ ايڪسچينج کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو آهي ته شپنگ لائن ڪمپني سان ڀائيواري جي اهم منصوبي تي سرڪاري سطح تي به ڪم ٿي رهيو آهي.
بحري معاملن جي ذريعن موجب وفاقي ڪابينا دنيا جي سڀ کان وڏي شپنگ لائن ڪمپني سان ڳري سيڙپڪاري جي ايم او يو جي منظوري ڏئي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.