پشاور (ويب ڊيسڪ ) پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستاني ڪرڪيٽرز جي جرسي تي گيمبلنگ جي مشهوري کان روڪي ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پاڪستاني ڪرڪيٽرز جي جرسي تي جوا ڪمپنين جي اشتهارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي وڪيل ٻڌايو ته پي سي بي پي ايس ايل ۽ عالمي ڪرڪيٽ ۾ هڪ گيمبلنگ ڪمپني جي اسٽيڪر جي نشاندهي ڪئي ۽ پابندي لڳائي.
درخواست گذار جي وڪيل چيو ته محمد رضوان پنهنجي جرسيءَ تي گيمبلنگ جي اشتهار کي اسٽيڪر لڳائي لڪايو هو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته رانديگر به اهڙي ريت مشهور مان خوش نه آهن، عدالت پي سي بي کي قومي ۽ عالمي مقابلن دوران گيمبلنگ جي مشهور کان روڪيندي درخواست اڪلائي ڇڏي.
You might also like