ممبئي (و يب ڊيسڪ ) شرڌا ڪپور جي فلم استري ٽو سمورا رڪارڊ ٽوڙيندي بالي ووڊ جي وڏين وڏين فلمن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هدايتڪار امر ڪوشڪ جي فلم استري ٽو شاهه رخ خان جي بلاڪ بسٽر فلم جوان جي هنيئر تائين جي لائيف ٽائيم بزنس جو رڪارڊ ٽوڙي ڀارت ۾” نمبر ون هندي فلم آف آل ٽائيم “ بڻجي وئي آهي.
فلم تجزئي نگار ترن آدرش موجب، شرڌا ڪپور جي استري ٽو ڀارتي باڪس آفيس تي 586 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ڪري چڪي آهي.
فلم جو هڪ پوسٽر شيئر ڪندي هن لکيو ته استري ٽو تاريخ رقم ڪندي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ ” هندي “ فلم بڻجي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته استري ٽو شاهه رخ خان جي جوان جي هندي ورزن جي لائيف ٽائيم بزنس( 583 ڪروڙ ) کان اڳتي نڪري وئي آهي.
Next Post
You might also like