ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊينگي، مليريا ۽ چڪن گونيا جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيڻ لڳي.
جي پي ايم سي جي جنرل فزيشن ڊاڪٽر فيصل جاويد موجب جناح اسپتال ۾ روز ڊينگي، مليريا ۽ چڪن گونيا جي علامتن وارا 50 مريض اچي رهيا آهن.
ڊاڪٽر فيصل جاويد چيو ته ڊينگي ۽ چڪن گونيا جو مڇر صاف پاڻي ۾ پلجندو آهي، جڏهن ته مليريا جو مڇر ڪِني پاڻي ۾ ٿيندو آهي.
هوڏانهن سول اسپتال جي ايمرجنسي انچارج ڊاڪٽر عمران سرور به چڪن گونيا جي مريضن جي انگ ۾ واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.
سندس چوڻ هو ته مهانگي ٽيسٽ سبب شهري چڪن گونيا جي سڃاڻپ ڪرائڻ کان قاصر آهن.
ٻئي پاسي صحت واري وزير عذرا پيچوهو هلندڙ سال سنڌ ۾ چڪن گونيا جي 140 ڪيسن جي تصديق ڪئي ۽ مليريا ۽ ڊينگي جي صورتحال کي بهتر قرار ڏنو.
هن چيو ته صورتحال کي ڏسندي مڪاني ادارن کي اسپري مهم جو چيو آهي.
صوبائي صحت کاتي موجب هلندڙ سال سنڌ ۾ ڊينگي جا 1394 ڪيس ۽ مليريا جا هڪ لک 81 هزار 589 ڪيس رپورٽ ٿيا.
You might also like