راڪُل پريت بالي ووڊ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) راڪُل پريت بالي ووڊ انڊسٽريءَ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا
بالي ووڊ اداڪارا راڪُل پريت سنگهه انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڊيبيو فلم ۾ کيس شوٽنگ دوران ڪڍي ٻئي اداڪارا کي ڪاسٽ ڪيو ويو هو .
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪارا انڊسٽري ۾ پيش آيل مشڪلاتن بابت تفصيلي گفتگو ڪئي ۽ ساڻس پيش آيل واقعي بابت ٻڌايو.
اداڪارا ٻڌايو ته تيلگو فلم انڊسٽري ۾ فلم (venkatadri express) سندس ڊبييو فلم هئي، فلم جي چئن سينن جي شوٽنگ به ٿي پر بدقسمتيءَ سان سندس جاءِ تي هڪ مشهور اداڪارا کي ڪاسٽ ڪيو ويو.
راڪُل پريت چيو تو اوهان انڊسٽري بابت گهڻو ڪجهه نه ٿا ڄاڻو ته اوهان مايوس ناهيو ٿيندا، مون به رڳو ايترو ئي سوچيو ته هن منهنجي جاءِ والاري ورتي؟ ڪو مسئلو ناهي، شايد اِها فلم مون لاءِ نه هئي، مان ڪجهه ٻيو ڳولي وٺنديس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.