مصور صيفي سومري جي پينٽنگز جي چوري بابت ٿاڻي تي درخواست

ڪراچي (رپورٽر) مصور صيفي سومري جي پينٽنگن جي چوري کانپوءِ ڊرامي ۾ نظر اچڻ تي پوليس وٽ فن پارن جي چوري بابت درخواست جمع ڪرائي وئي. صيفي جي پينٽنگن جي چوري ٿيڻ جي درخواست فريئر پوليس اسٽيشن ۾ جمع ڪرائي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته 2017 ۾ صيفي سومري جي پينٽنگن جي نمائش فريئر هال ۾ ٿي هئي. درخواست جي متن موجب سيفي جون پينٽنگون واپس ڪرڻ بدران ٻڌايو ويو ته اهي پينٽنگون چوري ٿي ويون آهن پر اهي پينٽنگون ٽي وي ڊرامي ۾ نظر آيون. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته صيفي سومري جي پينٽنگن جي چوري بابت جاچ ڪرائي وڃي.

گهوٽڪي واسي مصور جي پينٽنگز واري معاملي تي جاچ ڪاميٽي قائم

ڪراچي (رپورٽر) فريئر هال ڪراچي ۾ ڏهرڪي ضلعي گهوٽڪي سان واسطو رکندڙ مصور صفدر علي عرف صيفي سومرو جي تصويرن جي نمائش 2017 ۾  ٿي هئي ۽ نمائش کانپوءِ فريئر هال انتظاميا صيفي سومرو کي تصويرون واپس ڏيڻ بدران گم ڪري ڇڏيون. ان سلسلي ۾ صفدر علي عرف صيفي سومرو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته مون فريئر هال ۾ نمائش کانپوءِ پينٽنگون واپس گهريون ته انتظاميا چيو ته اهي گم ٿي ويون آهن پر انتظاميا واپس نه ڪيون. اهي پينٽنگون 8 سالن کانپوءِ ڪڀي هم ڪڀي تم ڊرامي ۾ ظاهر ٿيون. ظاهر ٿيو ته پينٽنگون گم ڪرايون ويون هيون. ٻي طرف فريئر هال مان تصويرن جي گم ٿيڻ جو واري معاملي تي ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه واقعي جي جاچ لاءِ ڊائريڪٽر جنرل (ڪلچر) منور علي مهيسر  ۽ ڊائريڪٽر جنرل نوادرات ۽آرڪيالاجي  عبدالفتح شيخ  تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي، ڪميٽي7 ڏينهن اندر  معاملي جي جاچ ڪري تفصيلي رپورٽ صوبائي وزير کي پيش ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.