دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) مينز ڪيٽيگري ۾ آگسٽ جي مهيني لاءِ بهترين ڪرڪيٽر جو اعلان ڪري ڇڏيو .
آءِ سي سي طرفان آگسٽ لاءِ سريلنڪا جي نوجوان آل رائوندڙ دونٿ ويلالاگي آءِ سي سي مينز پليئر آف دي منٿ قرار ڏنو ويو آهي.
آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ لاءِ ڏکڻ آفريڪا جو ڪيشو مهاراج ۽ ويسٽ انڊيز جو جيڊن سيلز جا نالا پڻ شامل هئا.
دونٿ ويلالاگي کي آگسٽ جي ڪارڪردگي جي بنياد تي پليئر آف دي منٿ قرار ڏنو ويو آهي، ويلالاگي سريلنڪن انڊر نائينٽين ٽيم جي قيادت پڻ ڪري چڪو آهي.
Next Post
You might also like