ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا روينا ٽنڊن چيو آهي ته لنڊن ۾ سيلفي لاءِ آيل ماڻهن ڊيڄاري ڇڏيو هو.
اداڪارا روينا ٽنڊن سوشل ميڊيا تي بيان ۾ چيو ته هوءَ لنڊن جي هڪ روڊ تي اڪيلي وڃي رهي هئي ان دوران ڪجهه مرد سندس ويجهو آيا ۽ پڇيو ته ڇا مان روينا ٽنڊن آهيان ۽ ساڻس سيلفي جي خواهش ظاهر ڪئي.
اداڪارا چيو ته لنڊن ۾ ڏوهه جي صورتحال ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ممبئي ۾ پيش آيل واقعي کيس پريشان ڪري ڇڏيو هو انڪري انهن ماڻهن کي روڪي ڇڏيو ته مان روينا ٽنڊن نه آهيان.
هن وڌيڪ چيو ته ممڪن آهي ته اِهي ماڻهو سندس مداح هجن پر هاڻي کيس اڪيلي ڊپ ٿئي ٿو.
واضح رهي ته گذريل مهيني ممبئي ۾ روينا ٽنڊن جي گاڏي کي هڪ هجوم گهيري ورتو هو ۽ ساڻس بدتميزي ڪئي وئي هئي.
Prev Post
You might also like