ڪراچي (ويب ڊيسڪ )مشهور مزاحيه ڊامي بُلبلي ذريعي جي شهرت جون بلنديون ڇهندڙ اداڪارا عائشا عمر کي پنهنجي همشڪل جي وائرل وڊيو مُنجهائي ڇڏيو آهي.
پاڪستان شوبز انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل عائشا عمر چيو ته انسٽاگرام تي سندس همشڪل جي ڊانس جي وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
عائشا عمر وڊيو ڏسڻ کانپوءِ انسٽا اسٽوري تي سوال اُٿاريو ته ڪنهن مون کي هڪ وڊيو تي ٽيگ ڪيو هو، هڪ لمحي لاءِ وڊيو ڏسي دنگ رهجي ويس ته ڪٿي اِها مان ته نه آهيان.
اداڪارا پڇاڻو ڪيو ته هي وڊيو مصنوعي ذهانت ( اي آءِ ) ذريعي تيار ڪئي وئي آهي يا ڪو واقعي سندس همشڪل آهي.
ٻئي پاسي وڊيو ڏسي مداح عائشا عمر جي اڻوڻندڙ لباس ۾ رقص تي کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
You might also like