پاڪ پي ڊبليو ڊي جون رٿائون صوبائي حڪومتن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پاڪ پي ڊبليو ڊي جون پي ايس ڊي پي تحت جاري رٿائون صوبائي حڪومت کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب، پي ايس ڊي پي ۾ شامل رٿائون وفاقي ڪابينا جي منظوري سان منتقل ڪيون پيون وڃن، اهڙي ريت پنجاب حڪومت کي پي ايس ڊي پي جون 52 رٿائون منتقل ڪيو وينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي 27 پي ايس ڊي پي ۾ شامل منصوبا منتقل ڪيا پيا وڃن، ڪي پي حڪومت ڏانهن 23 منصوبا منتقل ٿيندا جڏهن ته بلوچستان حڪومت کي 78 منصوبا منتقل ڪيا ٿيندا.
وفاقي سطح تي 72 منصوبا سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل ڊويزنز ڏانهن منتقل ڪيا ويندا.
منصوبن جي بجيٽ جي منتقلي ظابطن، پاليسي ۽ فنڊن جي اجرا واري حڪمت عملي تحت فنانس ڊويزن جي منظوري سان مشروط هوندي، رٿائن کي سنڀالڻ لاءِ 18 هين گريڊ جو آفيسر هجڻ لازمي قرار هوندو.
ان حوالي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته پاڪ پي ڊبليو ڊي 15 سپٽيمبر تائين مڪمل رڪارڊ ۽ بجيٽ سان منصوبن جا تفصيل فراهم ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.