اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو شير افضل کي ڪنهن به ڪيس ۾ بنا اجازت گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت کي ڪنهن به ڪيس ۾ بنا اجازت گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
جسٽس ثمن رفعت امتياز شير افضل مروت جي درخواست تي لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ طرفان گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد، آءِ جي پنجاب، ايف آءِ اي کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن.
لکت ۾ جاري ڪيل حڪمنامي موجب، نوٽيسز ۾ ڌرين کي شير افضل مروت جي درخواست تي پيراوائز ڪمنٽس جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪمنامي ۾ شير افضل مروت خلاف ڪيس جا تفصيل پڻ طلب ڪري ورتا آهن ۽ چيو آهي ته درخواست گذار جي وڪيل موجب، شير افضل مروت کي ڪنهن ڳجهي ڪيس ۾ گرفتاري جو خدشو آهي، شير افضل مروت کي عدالت جي اجازت کانسواءِ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.