مستونگ (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ جي درينڳڙهه واري علائقي ۾ فائرنگ سان 3 ليويز اهلڪار شهيد ٿي ويا.
ليويز اختيارين موجب هڪ شخص جي آزادي لاءِ احتجاج جاري هو، روڊ کولرائڻ لاءِ ويندڙ ٽيم تي احتجاج ڪندڙن فائرنگ ڪئي.
ليويز اختيارين ٻڌايو ته فائرنگ جي واقعي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال نيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي.
You might also like