اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيستائين اتفاق نٿو ٿئي، ڪا به اهم ترميم آڻڻ ۽ ان جي منظوري ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ان معاملي ۾ زور زبردستي نه هجڻ گهرجي.
پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪو اهڙي قسم جي ترميم منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته اهو ذوالفقار علي ڀٽو هو، جنهن اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين آندو.
هن چيو ته پاڪستان جو ڪو شهري ان ڳالهه کان انڪار نه پيو ڪري سگهي ته ڪو ادارو پنهنجو اهو ڪم نه پيو ڪري، جيڪو ان کي ڪرڻ گهرجي، اڄ سڀني کي نظر اچي رهيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ٽئين نسل کي انصاف لاءِ انتظار ڪرڻو پيو، هتي عام ماڻهو کي ڪهڙو انصاف ملندو؟
سندس چوڻ هو ته هر سياسي جماعت پارليامينٽ ۾ موجود آهي ۽ سڀني جي نمائندگي ڪميٽي ۾ موجود آهي، آئيني ترميم جي منظوري لاءِ ڪجهه به زور زبردستي سان نه ٿيڻ گهرجي.
You might also like