ٽورنٽو ( ويب ڊيسڪ ) جڳ مشهور پاڪستاني گلوڪار ۽ قوال راحت فتح علي خان انڪشاف ڪيو آهي ته گورن استاد نصرت فتح علي خان جو نالو ” مسٽر الله هو “ رکي ڇڏيو هو.
ميڊيا رپورٽس موجب، راحت فتح علي خان ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽورنٽو ۾ استاد نصرت فتح علي خان صاحب جي گهرواري رهندي هئي، مان اتي ايندو هئس، انڪري مان هن شهر کي پنهنجو ٻيو گهر چوندو آهيان.
راحت فتح علي خان چيو ته سندس وفات کانپوءِ ٽورنٽو اچڻ جو سلسلوگهٽجي ويو پر اڄ به هن شهر سان سندس ڪيئي خوبصورت يادون جڙيل آهن.
سندس چوڻ هو ته کيس ياد آهي ته استاد نصرت فتح علي خان جي قوالي ” الله هو“ گورن ۽ جپانين کي ديوانو بڻائي ڇڏيو ۽ انهن نصرت فتح علي خان جو نالو ئي ” مسٽر الله هو “ رکي ڇڏيو هو.