ڀارت ۾ هڪ پاسي جتي عورتن جي تحفظ ۽ انهن جي حقن تي سواليا نشان آهي، اتي ئي وري هندن جون قديمي رسمون ۽ رواج به عورتن لاءِ ڪنهن ظلم ۽ ڏاڍ کان گهٽ ناهن.
ڀارت جي هڪ اهڙي ئي راويت ”ڍڍيچا“ آهي، جيڪا مڌيا پرديش جي شيوپوري ڳوٺ ۾ لاڳو آهي.
ڍڍيچا روايت تحت ان ڳوٺ جي بازار ۾ عورتن کي شين جيان خريديو ۽ کپايو ويندو آهي، جڏهن ته بازار ۾ ڏورانهن علائقن کان ماڻهو عورتن کي ڪرائي تي وٺڻ ايندا آهن.
عورتن کي ڪرائي تي ڏيڻ جو مدو معاهدي جي شرطن تي مقرر ڪيو ويندو آهي، ان بازار ۾ ايندڙ مرد پنهنجي پسند جي ڪنهن به عورت کي ڏسڻ کانپوءِ ان جي قيمت مقرر ڪندو آهي ۽ رقم ادا ڪرڻ کانپوءِ ان کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ان بازار ۾ عام طور تي غريب خاندان جا ماڻهو پنهنجي عورتن کي وڪري لاءِ پيش ڪندا آهن، جڏهن ته ان بازار ۾ عورتن کي رڳو جنسي تعلق لاءِ ناهي خريديو ويندو پر مختلف سببن جي بنياد تي خريد ڪيو ويندو آهي.
ڪجهه ماڻهو وڪري لاءِ پيش عورتن کي پنهنجي گهرن ۾ وڏڙن جي خدمت لاءِ خريد ڪندا آهن، جڏهن ته ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي عورتن کي زال طور ”ڪرائي“ تي وٺندا آهن، ان بازار ۾ عورت کي ڊيل کان انڪار جو حق به حاصل آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان بازار ۾ وڪرو ڪئي ويندڙ ڪنهن به عورت لاءِ هڪ ڪانٽريڪٽ تيار ڪيو ويندو آهي، اسٽامپ پيپر جي قيمت 10 رپين کان آهي، جڏهن ته ڪانٽريڪٽ ذريعي حاصل ٿيندڙ عورت جي قيمت 15 هزار رپين کان شروع ۽ ڪجهه لکن تائين ٿي سگهي ٿي.
ڀارتي ميڊيا موجب ان بازار ۾ شامل ڪنوارين عورتن جي قيمت شادي شدا عورتن کان وڌيڪ آهي، خريدار مرد عورت کي هڪ سال يا ڪجهه مهينن لاءِ ڪرائي تي وٺي سگهي ٿو.
You might also like