ملائيڪا اروڙا جي پيءَ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ملائيڪا اروڙا جي پيءَ انيل اروڙا جي موت جو ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سامهون اچي ويو آهي.
ملائيڪا اروڙا جي والد انيل اروڙا ڪجهه ڏينهن اڳ ممبئي جي پوش علائقي باندرا ۾ پنهنجي عمارت جي ڇهين ماڙ سان ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو هو.
آپهگات کان اڳ انيل اروڙا پنهنجي نياڻين ملائيڪا ۽ امريتا کي فون ڪئي هئي جنهن ۾ هن چيو ته مان ٿڪجي چڪو آهيان ۽ پنهنجي زندگيءَ مان بيزار آهيان، مون کي لڳي ٿو ته مان بيمار آهيان .
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، حادثي کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو ۽ هاڻي انيل اروڙا جي پوسٽ مارٽم رپورٽ به سامهون اچي وئي آهي.
انيل اروڙا جي آپگهات بابت سندس اڳوڻي گهرواري جوائس پوليڪار پوليس کي ٻڌايو ته هوءَ ننڊ مان سجاڳ ٿي ته کيس ڪمري ۾ انيل جي چپل نظر آئي ته هوءَ پريشان ٿي وئي ڇو ته انيل هر صبح ڇت تي وڃي اخبار پڙهندو هو، چپل ڪمري ۾ موجود هئڻ تي شڪ ٿيو ته انيل ڪمري ۾ ئي آهي پر هو اتي نه هيو.
هن چيو ته ان کانپوءِ هوءَ انيل کي ڳولڻ ڇت تي وئي ته هو اتي به نه هيو، ڇت تان هيٺ نهاريو ڏٺو ته چوڪيدار مدد لاءِ رڙيون ڪري رهيو ان وقت ئي صورتحال جي سنگيني جو احساس ٿيو ته انيل ڇت تان ٽپو ڏئي ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽ موجب، انيل اروڙا جي لاش جو پوسٽ مارٽم موجب بالڪوني تان ٽپو ڏيڻ جي نتيجي ۾ سندس ساڄي ڄنگهه، مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن تي سخت نوعيت جا ڌڪ رسيا جيڪي سندس موت جو ڪارڻ بڻيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.