اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته سڀاڻي قومي اسيمبلي ۾ آئيني ترميم پيش ڪئي ويندي.
پارليامينٽ جي راهداري ۾ غير رسمي گفتگو ڪندي خواجا آصف چيو ته سڀاني قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو پيو وڃي، جنهن تي صحافي سوال ڪيو ته ڇا سڀاڻوڪي اجلاس ۾ آئيني ترميم آندي پئي وڃي؟
خواجا آصف جواب ڏنو ته ها سڀاڻي اجلاس ۾ آئيني ترميم پيش ڪنداسين.
صحافي طرفان ٻيو سوال ڪيو ويو ته ڇا آئيني ترميم لاءِ نمبر پورا آهن؟ جنهن تي بچاءَ واري وزير چيو ته ها اسان وٽ آئيني ترميم لاءِ نمبر پورا ٿي چڪا آهن.
هواڏنهن قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ سڀاڻي آئيني ترميم پيش ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي.
صحافي طرفان آئيني ترميم پيش ڪرڻ جي سوال تي اعظم نذير تارڙ چيو ته في الحال اپوزيشن جي ايم اين ايز جو مسئلو پيو هلي، ان تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي.
صحافي سوال ڪيو ته ڇا سڀاڻي ڪا آئيني ترميم اچي رهي آهي؟ جنهن تي اعظم نذير تارڙ جواب ڏنو ته نه، مون کان وڌيڪ ته توهان کي خبر آهي.
You might also like