عمران خان جيل مان ٻاهر آيو ته سندس ڪهاڻي ختم ٿي ويندي: فيصل واوڊا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ موجودا سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان لاءِ جيل ئي فائدي ۾ آهي.
سينيٽر فيصل واوڊا نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جيل کان ٻاهر آيو ته سندس ڪهاڻي ختم ٿي ويندي.
سندس چوڻ هوته عمران خان جو جيل ۾ رهڻ ئي سندس فائدي ۾ آهي، جيل ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندڙ سندس زندگيءَ جي ضمانت ڪيئن ڏيندا؟
هڪ سوال جي جواب ۾ فيصل واوڊا چيو ته مراد سعيد اِهو طوطو آهي جنهن ۾ ٻن ماڻهن جو ساهه آهي، مراد سعيد ڇو لڪيو ويٺو آهي؟ منظرِ عام تي ڇو نه ٿو اچي؟
هن چيو ته اڳوڻي ڊي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سڄو ملبو پي ٽي آءِ باني تي وجهندو، فيض حميد ۽ علي امين گنڊاپور جي ڳالهه ٻولهه سامهون اچي چڪي آهي، گنڊاپور خلاف پرچو ڪٽجي چڪو، سندس خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
فيصل واوڊا موجب، گنڊاپور پهريان چيو ته ڪنهن جو پيءُ به پي ٽي آءِ باني کي گرفتار نٿو ڪري سگهي، هاڻي هو ئي چئي رهيو آهي ته ڪنهن جو پيءُ به سندس ملٽري ٽرائل نٿو ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.