نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) عظيم سائنسدان البرٽ آئنسٽائن جو آمريڪي صدر فرينلڪن روزو ويلٽ کي پهريون ايٽم بم ٺاهڻ لاءِ لکيل خط 39 لک ڊالر ( هڪ ارب اٺ ڪروڙ ٻاهٺ لک پاڪستاني رپين ) ۾ نيلام ڪيو ويو آهي.
ڪرِسٽيز آڪشن هائوس موجب، ڏهه سپٽيمبر تي نيلام ٿيل اِهو خط آئنسٽائن جو اصل خط آهي جيڪو سندس شاگرد ليو سيلارڊ محفوظ ڪري ورتو هو ۽ ان کانپوءِ ناياب شين گڏ ڪندڙ ماڻهن وٽ موجود رهيو.
اِهو خط 1939 ۾ لکيو ويو جيڪو ٻن صحفن تي مشتمل آهي، خط ۾ آئنسٽائن آمريڪي صدر تي نيوڪليئر پروگرام قائم ڪرڻ بابت ترت قدم کڻڻ لاءِ زور ڏيندي خبردار ڪيو ويو هوته نازين وٽ به ايٽم بم ٺاهڻ جي صلاحيت ٿي سگهي ٿي.
خط جي متن موجب، اِها شئي تصور جوڳي آهي ته نئين قسم جا انتهائي طاقتور بم ٺاهي سگهجن ٿا، ان خط ۾ آئنسٽائن جو نالو رڳو هڪ ڀيرو آيو آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ اِهو خط سائنسدان ليو سيلارڊ لکيو هو.
سائنسدان ليو سيلارڊ جو خيال هو ته جيڪڏهن خط تي آئنسٽائن صحيح ڪندو ته خط صدر جو ڌيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.
نيلامي ۾ ان خط کانسواءِ مائيڪرو سافٽ جي مرحوم شريڪ باني پال ايلن جي گڏ ڪيل ناياب شين پڻ وڪرو لاءِ پيش ڪيون ويون هيون.
Next Post
You might also like