راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته سموري پارٽي تيار آهي، جلد روڊن تي اچڻ جو اعلان ڪنداسين.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسپيشل جج همايون دلاور سبب مان ۽ بشريٰ اڄ جيل ۾ آهيون، اسان جي خلاف جيڪو به جج فيصلو ڪندو آهي ان کي نوازيو ويندو آهي، محسن نقوي اسان تي ظلم ڪيو، ان عيوض کيس گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين بڻايو ويو، قاضي فائز عيسيٰ اسان تي ظلم ڪندڙن کي تحفظ ڏنو.
هن چيو ته هاڻ چيف جسٽس کي ٻيهر مڙهيو ويندو، سپريم ڪورٽ واحد ادارو بچيو آهي، هاڻ ان تي به حملو ڪيو پيو وڃي، عدليا کي چوان ٿو ته قانون جي حڪمراني لاءِ بيهو، قانون جي حڪمراني نه هجڻ سبب ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه پئي ٿئي.
سندس چوڻ هو ته سڄي پارٽي تيار آهي، جلد روڊن تي اچڻ جو اعلان ڪنداسين، قوم کي چوان ٿو ته اسٽريٽ موومينٽ لاءِ نڪرڻو پوندو، اسان جي تحريڪ جمهوريت لاءِ جهاد آهي.
You might also like