ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي ور اسٽائيل اداڪار اَيوشمان کُرانا پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن جو هڪ حيران ڪندڙ واقعو بيان ڪيو جنهن ۾هن جو ايڪتا ڪپور ۽ بالاجي ٽيلي فلمز وڏو تڪرار کڙو ڪري ڇڏيو هو.
ايوشمان کرانا پنهنجي آڊيو بُڪ ” ڪريڪنگ دي ڪوڊ “ ۾ اِهو تلخ واقعو ڄاڻايو آهي اداڪارا موجب، بالاجي ٽيلي فلمز جي سربراهه ايڪتا ڪپور ان وقت تپي باهه ٿي وئي هئي جڏهن ته ايوشمان کرانا ساڻس ڊگهي مدي وارو معاهدو رد ڪري ڇڏيو هو.
ايوشمان موجب، هو ان وقت هڪ ٽي وي اداڪار هو ۽ بالاجي ٽيلي فلمز جي مشهور ڊرامي “ قيامت “ ۾ ڪم ڪري رهيو هو.
اداڪار چيو ته کيس ڪمپني طرفان هڪ ڊگهي مدي واري معاهدي تي صحيح ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌيو ويو هو ۽ سندس رهتون ادا نه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي.
سندس چوڻ هو ته معاهدي تي صحيح نه ڪرڻ تي ايڪتا ڪپور تپي باهه ٿي وئي ۽ کيس سنگين ڌمڪيون ڏيڻ لڳي.
ايوشمان وڌيڪ چيو ته هن معاهدي تي صحيح ڪرڻ کانسواءِ اتان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته کيس خبر پئي ته ايڪتا ڪاوڙ ۾ اچي ايگزيڪٽيو پرڊيوسر کي موبائيل وهائي ڪڍي آهي.
اداڪار موجب، جيئن ته هن معاهدي تي صحيح نه ڪئي هئي، انڪري ڪا به قانوني ڪارروائي ممڪن نه هئي، پر ان باوجود کيس ڪيئي ڌمڪي جوڳيون ڪالز ۽ پيغام آيا ۽ چيو ويو ته سندس ڪيريئر ختم ٿي چڪو آهي ۽ ممبئي ڇڏي واپس چندي ڳڙهه هليو وڃان.
You might also like