آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 ڪمائيءَ جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ڀارت ۾ ٿيل ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023 بابت ڪمائي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارت ون ڊي ورلڊ ڪپ دوران سياحت ۽ ميچن ذريعي هڪ ڏهائي اڻيتاليهه ملين ڊالر ( يارنهن هزار ڇهه سئو ستٽيهه ڪروڙ ڀارتي رپين کان وڌيڪ ) ڪمايا جنهن ڀارتي معيشت وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
رپورٽ موجب، مختلف شهرن ۾ ميچن سبب ڪرڪيٽ شوقينن کي رهائش، سفر، کاڌي پيتي جي شين ۽ ٻين سهولتن مان لاڀ حاصل ڪرڻ سبب ميزبان شهرن ۾ سياحت وڌي، جڏهن ته ان دوران 861.4 ملين آمريڪي ڊالرز جي آمدني ٿي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايونٽ دوران هڪ ڏهائي پنجويهه ملين تماشائين ميگا ايونٽ ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ پنجهتر سيڪڙو اهڙا تماشائي هئا جن پهريون ڀيرو هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم جو رخ ڪيو.
ان کانسواءِ اٽڪل 55 سيڪڙو تماشائين ڀارت جو دورو ڪيو جن ۾ اڻويهه سيڪڙو ماڻهو اهڙا هئا جن پهريون ڀيرو ڀارت جو سفر ڪيو.
آءِ سي سي لاءِ نيلسن طرفان ڪيل اقتصادي جائزي ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪمائي جي حساب سان گذريل سال آڪٽوبر، نومبر ۾ ٿيل ميگا ايونٽ تاريخ جو سڀ کان وڏو ون ڊي ورلڊ ڪپ هو.
آءِ سي سي چيف ايگزيڪٽيو جيف ايلارڊائس هڪ بيان ۾ چيو ته مينز ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ اهم معاشي طاقت جو مظاهرو ڪيو ۽ ڀارت کي هڪ ڏهائي اڻيتاليهه آمريڪي ڊالر جو معاشي فائدو ٿيو.
واضح رهي ته 19 نومبر 2023 تي دنيا جي سڀ کان وڏي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جو فائنل ٿيو، جنهن ۾ آسٽريليا ٽورنامينٽ ۾ ناقابلِ شڪست ڀارت کي هارائي ڇهون ڀيرو ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.