ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي جي مختلف شهرن ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
آءِ جي سنڌ جي هدايت تي گهرو کاتي حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب ڪراچي ڏکڻ ۾ 13، 14، 16 ۽ 17 سيپٽمبر، ڪراچي اوڀر ۾ 13، 16 ۽ 17 سيپٽمبر، ڪراچي اولهه ۾ 16 ۽ 17 سيپٽمبر تي ٻيلهه سواري تي پابندي رهندي.
حڪم نامي موجب حيدرآباد ۾ 12 ربيع الاول تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي رهندي، دادو ۽ سکر ۾ 16 ۽ 17 سيپٽمبر تائين ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي.
ان کانسواءِ خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ 13 کان 17 سيپٽمبر، جڏهن ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 17 سيپٽمبر تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي.
Prev Post
You might also like