لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو عورتن ۽ ٽرانس جينڊرز (کدڙن فقيرن) لاءِ ”شي ڊرائيوز“ جي نالي سان رائيڊ سروس شروع ڪئي وئي آهي.
پاڪستان ۾ آن لائن رائيڊ سروس فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن پر پهريون ڀيرو عورتن ۽ ٽرانس جينڊرز لاءِ ”شي ڊرائيوز“ جي نالي سان رائيڊ سروس شروع ڪئي وئي آهي.
ان رائيڊ سروس جي خاص ڳالهه اها هوندي ته ان جا سمورا ڊرائيور ۽ ڪسٽمر عورتون يا ٽرانس جينڊر هوندا.
ان حوالي سان لاهور جي مقامي هوٽل ۾ شي ڊرائيوز جي لانچنگ تقريب ٿي، جنهن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سميت عورتن ۽ کدڙن فقيرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
شي رائيڊز جي چيف ايگزيڪيوٽو عماز فاروقي چيو ته اهڙيون عورتون ۽ ٽرانس جيڊرز، جيڪي موٽر سائيڪل، گاڏي يا رڪشو هلائي سگهن ٿيون، اهي پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي سگهن ٿيون، ان سروس جو سڀ کان وڌيڪ فائدو انهن عورتن ۽ ٽرانس جينڊرز کي ٿيندو، جيڪي اچ وڃ ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلن کي منهن ڏيندا آهن.
Next Post
You might also like