اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيو ٽيڪ يونيورسٽي ۽ چين جي سهڪار سان ڊپلوما پروگرام جي شروعات ڪئي وئي، جنهن تحت شاگرد ٻه سال يونيورسٽي ۽ هڪ سال چين ۾ تعليم حاصل ڪري سگهندا.
جديد ٽيڪنالاجي ۾ پاڪ چين سهڪار تحت هڪ ٻي اڳڀرائي ٿي آهي، نيو ٽيڪ يونيورسٽي ۽ چين جي گڏيل منصوبي جي حوالي سان نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي رجسٽرار ميڊيا کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته بگ ڊيٽا، ميڪا ٽرانڪس ۽ سافٽ ويئر انجنيئرنگ جي ڊپلوما جي شروعات ڪئي وئي آهي.
هن ٻڌايو ته شاگرد ٻه سال يونيورسٽي ۽ هڪ سال چين ۾ تعليم حاصل ڪري سگهندا، ڊپلوما مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کين چين جي انڊسٽري ۾ ملازمت جا موقعا ملندا.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سي پيڪ ۾ به انهن کي ملازمت ڏئي سگهجي ٿي، چين سان گڏجي اسان قومي ترقي لاءِ اهو پروگرام جوڙيو آهي.
رجسٽرار چيو ته نينو ٽيڪنالاجي ۾ به ڊپلوما ۽ ڊگري پروگرام غور هيٺ آهي، پاڪستان ۾ بگ ڊيٽا، ميڪا ٽرانڪس ۽ سافٽ ويئر ڊپلوما پروگرام ناهي.
You might also like